ڊينسو هال

ڊينسو هال

ڊينسو هال

ڊينسو هال: هيءُ تاريخي عمارت انگريزن جي دؤر جي يادگار آهي، جيڪا بندر روڊ ڪراچيءَ تي واقع آهي. هيءَ عمارت 1886ع ۾ ڪراچيءَ جي چيمبر آف ڪامرس جي چيئرمئن مسٽر ميڪس ڊينسو جي ياد ۾ تعمير ڪرائي وئي. هن عمارت جي تعمير لاءِ ڪراچي ميونسپالٽي ۽ چيمبر آف ڪامرس خرچ ڏنو هو. هن عمارت جي مٿئين حصي ۾ هڪ هال آهي.
هن عمارت جو نقشو جيمس اسٽريچن نالي هڪ انگريز انجينئر ٺاهيو. هيءَ عمارت پبلڪ هال طور ٺاهي وئي، جنهن کي ڪراچيءَ جي چيمبر آف ڪامرس جي اڳوڻي صدر ميڪس ڊينسو سان منسوب ڪيو ويو. هن هال جي تعمير لاءِ زمين ميونسپل مهيا ڪئي هئي، جڏهن ته ان لاءِ 9000 روپيا چندو گڏ ڪيو ويو هو.
عمارت ۾ ٻه طبق آهن، جن مان هيٺئين طبق تي پڙهڻ جو ڪمرو، لائبريري لاءِ هال ۽ ٻيا مختلف ڪمن لاءِ ڪمرا ٺهيل آهن، جڏهن ته مٿئين طبق تي 6x30 فوٽن جو وڏو هال قائم آهي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت 500 ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش آهي. هن مٿئين طبق جي هال ۾ اڀرندي ڀت تي رائو صاحب رامن داس جو تحفي ۾ ڏنل گھڙيال لڳل آهي، جنهن جي بناوت جي لحاظ کان پنهنجي اهميت آهي. عمارت جي بناوت ۾ گِذريءَ جو پيلو پٿر استعمال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هال جي مهاڙيءَ تي Tudor نموني جون ونگون ٺهيل آهن. هال جون بالڪونيون ٻاهر نڪتل آهن. اڏاوتي رٿ وينشن گوٿڪ نموني جي آهي. ڊينسو هال ڪراچي جي اهم جڳهين ۾ شمار ٿئي ٿو.


لفظ ڊينسو هالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو